شان ڏهر

شان ڏهر

شان ڏهر

شان ڏهر: نامياري صحافي ۽ شاعر شان ڏهر، 15 فبروري 1967ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه شهر جي پٺاڻ پاڙي ۾ محمد ابراهيم ڏهر جي گهر ۾ اک کولي. پنج درجا اردو پرائمري اسڪول باڊهه ۾ پاس ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز اسڪول باڊهه؛ انٽر گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري، بي. اي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ايم. اي (سياسيات) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. هي1981ع ڌاري ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ٽن سالن تائين ٽيليفون آپريٽر ٿي رهيو. 1988ع ۾ هيءُ سنڌ پوليس ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ اي ايس آءِ مقرر ٿيو، پر ان سڄي بيچ کي 1991ع ۾ تڏهوڪي وزيراعليٰ ڄام صادق علي لاهي ڇڏيو ته هيءُ بيروزگاريءَ جي ور چڙهي ويو. شان کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، 1983ع کان هن مختلف رسالن گل ڦل، چڻنگ، آفتاب وغيره جهڙن ٻارڙن جي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان لکڻ ۽ ڇپجڻ شروع ڪيو. پوليس جي نوڪري دوران ئي هن 1990ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ سنڌي اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري پنهنجو پاڻ کي سپرد قلم ڪيو هو، جيڪو سندس عملي صحافتي زندگيءَ جو پهريون ڏاڪو هو. ان کانپوءِ هن ڪيترين ئي سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڪم ڪيو هو.
شان ڏهر 2001ع ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ڏانهن قدم وڌايو ۽ ٽي وي چئنل انڊس ويزن ۾ ڪم ڪيو. 2003ع کان 2004ع تائين هي پهرين سنڌي ٽي وي چئنل ڪي ٽي اين جو دبئي ڊيسڪ جو انچارج نيوز پروڊيوسر رهيو. 2005ع کان 2009ع تائين هن هڪ نجي اردو چينل ۾ نيوز ايڊيٽر- آرڪائيوز ۽ مانيٽرنگ ڊپارٽمينٽ جي انچارج طور ڪم ڪيو. ان بعد هن مختلف نجي ٽي وي چينلز تي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرس، اينڪر پرسن، ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنٽ نيوز ۽ ڪنٽرولز، ٽرانسميشن آفيسر، انچارج ٽرانسميشن نيوز ۽ ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنٽ طور پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون. شان ڏهر بي بي سي اردوءَ جو ڪوئيٽا ۾ هڪ سال تائين نمائندو پڻ رهيو.
شان ڏهر بيباڪ صحافي رهيو. کيس نئين سال (2014ع) جي رات 31 ڊسمبر 2013ع تي، نئين سال جي خوشيءَ ۾ ٿيل فائرنگ جي آڙ ۾ ٽارگيٽ ڪري باڊهه ۾ قتل ڪيو ويو. ان واقعي سنڌي صحافين ۾ تاءُ پکيڙيو ۽ سڄي ملڪ جي صحافين احتجاج به ڪيا. مشهور نيوز چينل ’جيو‘ جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ حامد مير پڻ شان ڏهر جو ڪيس کنيو هو. پر افسوس ته شان ڏهر جو قتل ڪيس ڪاغذن ۾ دٻجي ويو. باڊهه ۾ جنهن هنڌ تي سندس قتل ٿيو هو، ان چوڪ جو نالو هن وقت شهيد شان ڏهر چوڪ سڏجي ٿو. شان جون ڀينرون ڪنيز فاطمه ۽ نعيمه ڏهر پڻ ادب سان واڳيل آهن.


لفظ شان ڏهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.02.15  عيسوي

نامياري صحافي ۽ شاعر شان ڏهر، 15 فبروري 1967ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه شهر جي پٺاڻ پاڙي ۾ محمد ابراهيم ڏهر جي گهر ۾جنم ورتو.


2013.12.31  عيسوي

شان ڏهر بيباڪ صحافي رهيو. کيس نئين سال (2014ع) جي رات 31 ڊسمبر 2013ع تي، نئين سال جي خوشيءَ ۾ ٿيل فائرنگ جي آڙ ۾ ٽارگيٽ ڪري باڊهه ۾ قتل ڪيو ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهاب الدين چشتي
سنتداس ڀاٽيه ناز
آفتاب احمد خانزاده
عبدالله ميمڻ
الهورايو بوزدار
فاروق احمد راشدي
حميد هارون
مولا بخش ڀٽو
گلڻ خان ڀنڊ
صلاح الدين مولانا
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون